ڳڙهي خيروn CZzWy12r G234PCcKk XS
| ڳڙھي خيرو | |
| ملڪ: | پاڪستان |
| صوبو : | سنڌ |
| ضلعو: | جيڪب آباد |
| تعلقو: | ڳڙهي خيرو تعلقو |
| چيئرمين ٽائون ڪاميٽي: | |
| وارڊ: | 7 |
| پوسٽل ڪوڊ: | |
| ڊائلنگ ڪوڊ: | |
| آدمشماري: | 12632(2017 جي آدمشماري جا انگ اکر) |
| تعلقي جي پکيڙ: | 744 ھم چورس ڪلوميٽر |
| پوري تعلقي ۾ آبادي جي گھاٽائي | : 212.8/km² |
| ٻولي: | سنڌي |
| اوچائي: | سمنڊ جي سطح کان 52 ميٽر مٿي[1] |
'ڳڙهي خيرو پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي جيڪب آباد جو هڪ شهر ۽ تعلقي جو صدر مقام آهي. روڊ رستي ھي شھر جيڪب آباد ، شھدادڪوٽ ۽ استاد محمد سان ڳنڍيل آھي . شھر جي آبادي سنڌي ۽ بلوچ ذاتين وارن ماڻھن تي مشتمل آهي جن ۾ جمالي، بليدي ، ، لغاري ڪثرت ۾ آھن . ھتي ڪافي ھندو خاندان بہ رھن پيا . ھي ھڪ ننڍو ۽ معاشي طور تي پوئتي پيل شھر آھي جتي بنيادي سھولتن جو ڏاڍو فقدان آھي. شھر جي جاگرافيائي بيھڪ ڊگري اتر طرف 28° 4' 0" 67° 59' 0 ڊگري اوڀر طرف آھي.ھتان جي آبهوا اونھاري ۾ انتھائي گرم 48 سينٽي گريڊ کان بہ وڌيڪ ھوندي آھي ۽ سياري ۾ سرد ۽ خشڪ .2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي شھر جي ستن مان ڇھ وارڊن تي چونڊ کٽي [2] سياسي طور تي ھن شھر جي سنڌ اسيمبلي واري تڪ تي مير شاھنواز جمالي جي شاھلياڻي خاندان جا فرد چونڊجندا رھيا آھن جن ۾ سندس پٽ مير غلام محمد شاھلياڻي ۽ مير گوھر شاھلياڻي ۽ پوٽي مس سائره شاھلياڻي شامل آهن.
آدمشماري[سنواريو]
ڳڙهي خيرو تعلقي جي آدمشماري 1 مارچ 1998 ۾ 117,207 ھئي جيڪا 15 مارچ 2017 جي آدمشماري ۾ وڌي 158,360 ٿي وئي جنھن مان شھر جي ٽائون ڪميٽي جي آدمشماري 12,632 آهي باقي145,728 ٻھراڙيءَ۾ رھندڙ آھي.[3]
- ↑ {cite web|url=http://www.gnarlysunset.com/asia/pakistan/sindh/garhi-khairo}
- ↑ {cite web|url=https://www.electionpakistani.com/local-government-bodies/sindh/jacobabad/town-committee-garhi-khairo.html}
- ↑ {cite web|url=https://www.citypopulation.de/php/pakistan-distr-admin.php?adm2id=80501}